پرڀارام سنت

پرڀارام، سنت: سنت سائين پرڀارام جو جنم خوشيرام گرداس مل چچريجا جي گهر ۾ خيرپور جي ماڇيون ڳوٺ ۾ ٿيو. سندس ماءُ جو نالو سونتي هو. ٻالڪپڻي ۾ پرڀارام گرمکي اکر پڙهيا ۽ گروءَ جي ٻاڻيءَ جو اڀياس ڪيائين. سنڌ ۾ اهو رواج هو ته ٽَڪر ٽڪر تي پاڻيءَ جو مٽ رکيل هوندو هو. پرڀارام پڻ پنهنجي ڳوٺ ۾ باقاعده مَٽي ڀرڻ شروع ڪئي، جيئن اڃايل راهگير پاڻي پيئن. پاڻ ڪيترا ڀيرا گهر کان نڪري جهنگل ۾ اڪيلائيءَ جو آنند وٺندو رهيو. هڪ سال کان پوءِ ٽنڊي محمد خان جي سنت ڀائي واسورام جو سنگ مليس. جنهن مان کيس حقيقي رنگ لڳو، جنهن کان پوءِ جڳو واهه تي پنهنجي ڏاڏي سنت بودارام جي مڙهيءَ ۾ وڃي رهيو، جتان پنهنجي ڳوٺ ۾ چاليهي صاحب جي ٿلهي تي اچي رهيو، جتي دنيا جي هوس ۽ هل کان پاڻ بچائڻ لاءِ ٻوڙو سڏايائين. سندس حياتيءَ جون ڪيئي ڪرامتون آهن، جنهن ڪري هزارين ماڻهو هن جا معتقد هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو